باگو چانڊيو

باگو چانڊيو: باگو چانڊيو، ڪلهوڙن جي دور ۾ ميان نصير محمد جي فوج جو اهم ڪارڪن هو. باگي چانڊيي جو اصل نالو ’باغ محمد‘ هو. جنهن کي ’باگو‘ سڏيندا هئا. لاڙڪاڻي جو رهواسي هو. جڏهن ميان نصير محمد لاڙڪاڻي مان پنهنجو مرڪز ڦيرائي ڳاڙهيءَ اچي رهيو ته باگو خان به ساڻس گڏجي آيو. ڪنهن غلطي سرزد ٿيڻ سبب ميان صاحب باگي خان کي قبيلي سوڌو ڪاڇي مان نڪري وڃڻ جو حڪم ڏنو. جنهن تي مير صوبدار خان وچ ۾ پئي کيس معافي ڏياري. تاريخي تذڪرن ۾ اچي ٿو ته: جڏهن دهليءَ ۾ شاهجھان جي پٽن ۾ اقتدار لاءِ هلندڙ ڄنڊا پٽ جنگ ۾ تبديل ٿي وئي، ته اهڙي طائف الملوڪيءَ جي دور ۾ ولي عھد شھزادو دارا شڪوهه سنڌ ڏانهن ڀڄي آيو. لاڙڪاڻي وٽ چانڊين جي قبيلي کيس ۽ سندس ملڪه نادر کي روڪيو ۽ سندن قيمتي سامان ڦريو. ميان نصير محمد ڪلهوڙي کي چانڊين جي اهڙي روش پسند نه آئي يا وري هن محسوس ڪيو ته شايد هيءُ قبيلو دهليءَ جي درٻار تي قابض اورنگزيب ٽولي جو حامي آهي، جيڪو اڳتي هلي آزاديءَ لاءِ هلندڙ سنڌ جي تحريڪ لاءِ رڪاوٽ نه ٿي پوي، ان ڪري هن تحريڪ جي مرڪز، ڪاڇي مان باگي چانڊيي ۽ سندس قبيلي کي لوڌي ڪڍيو. باگي خان جي آخري آرامگاهه ميان نصير محمد جي قبرستان ۾ آهي، جتي سندس مزار تي مقبرو اڏيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو